سومرو، خير محمد

سومرو، خير محمد

خير محمد سومرو

خير محمد سومرو : سنڌ جي مشهور الغوزي نواز، خير محمد ولد محمد ڇٽل سومري جو جنم 1931ع ڌاري نئين ديري ڀرسان ڳوٺ پنجو ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. غربت سبب پنجن درجن تائين تعليم پرائي سگهيو. موسيقيءَ سان عشق ننڍپڻ کان ئي هئس. شروع ۾ يڪتاري ۽ چپڙيءَ تي ڳائڻ شروع ڪيائين، جنهن ۾ سندس استاد سوڀل سڌايو هو. ڪجهه عرصي بعد ڳائڻ سان گڏ الغوزي وڄائڻ جو چاهه پيدا ٿيس. الغوزي جي سکيا استاد مٺل منگيءَ کان ورتائين ۽ هن فن ۾ چڱي مهارت حاصل ڪيائين. 1962ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پهريون ڀيرو پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيائين. 1988ع ۾ پي. ٽي. وي تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيائين. خير محمد سومري کي ريڊيو، ٽي. وي، سرڪاري توڙي غير سرڪاري محفلن ۾ خاص دعوت تي گهرايو ويندو هو. سندس فن کي مڃتا ڏيندي اڪيڊمي آف ليٽرس، اسلام آباد سندس ماهوار وظيفو مقرر ڪيو. بعد ۾ خير محمد سومرو اباڻو ڳوٺ ڇڏي جندي ديري، ضلعي شڪارپور ۾ رهڻ لڳو. جوانيءَ کان پيريءَ تائين گهڻو عرصو اتي گذاريائين. هر جمعي رات پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي لطيف شاهه درگاهه تي ٿيندڙ محفل ۾ ضرور شريڪ ٿيندو هو ۽ فن جو مظاهرو ڪندو هو. زندگيءَ جي آخري گهڙين ۾ ڊکڻ شهر، ضلعي شڪارپور ۾ اچي آباد ٿيو، جتي زندگيءَ جا ٻه سال گذاريائين. عمر جي آخري حصي ۾ کيس ٽي. بيءَ جي بيماري ٿي پئي، جنهن سبب 14 آڪٽوبر 1999ع تي وفات ڪيائين. سندس آخري آرام گاهه به اتي ئي آهي.


لفظ خير محمد سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو